مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ حڪومت جي مرضي بنا ٻيٽن تي اڏاوت ٿيڻ نه ڏينداسين: ناصر شاهه

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي مرضي بنا ڪنهن به صورت ۾ ٻيٽن تي اڏاوت ٿيڻ نه ڏينداسين. ناصر حسين شاهه ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪيو ۽ گورننگ باڊي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن اڍائي ڪروڙ رپين جي چيڪ جي صورت ۾ پريس ڪلب کي گرانٽ به ڏني. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ تي تنقيد ٿيندي آهي ته اسان ڪي فور جي الائنمينٽ تبديل ڪئي، اهو ته مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ڊيزائن ڪيو ويو، ٻه سال انڪوائري ۾ ضايع ٿي ويا، هاڻ ڪي فور تي مڪمل طور ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي معاملي تي ايڪشن ٿي چڪو آهي، وزيرن جي ڪميٽي جو ان ڪئميرا سيشن ٿيو آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ تفصيل پبلڪ ڪنداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو