مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ اسميبلي ۾ ارڙهن سالا نوجوانن جي شادي لازمي ڪرائڻ جو بل جمع

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ ۾ 18 سالن جي نوجوانن جي لازمي شادي ڪرائڻ جو بل جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ نوجوانن جي شادي نه ڪرائيندڙ والدين تي 500 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب سنڌ ۾ 18 سالن جي نوجوانن جي لازمي شادي ڪرائڻ جو بل جمع ڪرايو ويو. ايم پي اي ايم ايم اي سيد عبدالرشيد مذڪوره بل اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو، بل 2 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن کي سنڌ لازمي شادي ايڪٽ 2021 جو نالو ڏنو ويو آهي. بل ۾ نوجوانن جي شادي نه ڪرائيندڙ والدين تي 500 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.  بل ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت اهو يقيني بنائي ته والدين پنهنجي بالغ ٻارن جي لازمي شادي ڪرائين. جيڪڏهن والدين دير ڪن ٿا ته ڊپٽي ڪمشنر کي لکت ۾ آگاهي ڏيڻي پوندي. ايم پي اي ايم ايم اي سيد عبدالرشيد ان حوالي سان چيو آهي ته معاشري جي فلاح لاءِ مذڪوره قانون تجويز ڪيو ويو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو