مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

دنيا ۾ ڪرپشن جي سرجري جو مڃيل ڊاڪٽر عمران خان آهي: فردوس عاشق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي اطلاعات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته دنيا ۾ ڪرپشن جي سرجري جو مڃيل ڊاڪٽر عمران خان آهي، پر پهريان خبر پوي ته مريم نواز جي ڪهڙي سرجري ٿي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اپوزيشن کي سينيٽ ۾ شڪست جا آثار نظر اچي رهيا آهن. شاهي خاندان هميشه ڀڄڻ جي لاءِ جعلي رپورٽن جو بهانو ڳوليو. (ن) ليگ جا باغي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا. هن چيو ته عمران خان ڪرپٽ عناصرن جي سرجري جو فيصلو ڪيو ته اپوزيشن جي بيمارين ۾ اضافو ٿيو. مريم نواز جي سرجري دماغ جي ٿي آهي يا ان اکين جي جنهن کي ميڙ ڏسڻو هو. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي دلچسپ آهي. ان جي تجويز ۽ حمايت ڪندڙ ٻئي اڳوڻا وزيراعظم نيب وٽ گهربل آهن. انگ گهٽ هجڻ جي باوجود يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي جو مطلب پئسي جو استعمال آهي، پر چمڪ ۽ بريف ڪيس عمران خان جي حوصلي کي شڪست نٿا ڏئي سگهن. فردوس عاشق وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد ميڊيا جو ڊارلنگ آهي، ان جي بيان جي پٺيان ڪو نه ڪو منطق ضرور هوندو آهي. ڳوڙها آڻيندڙ گيس وارو بيان ٻڌو ناهي ان لاءِ ان تي تبصرو نٿي ڪرڻ چاهيان. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو