مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري ڏني ويندي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ اقتصادي رابطه ڪميٽي (اي سي سي) اڄ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي منظوري ڏيندي. اي سي سي اجلاس ۾ مهمند ۽ ديامر ڀاشا ڊيم جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جي يورو بانڊ جي اجرا جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي. ذريعن موجب اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ وزارت هائوسنگ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي منظوري ڏيڻ جو به امڪان آهي. اجلاس ۾ نون ٽرمينلز ٺاهڻ جو معاملو ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو جي آءِ ڊي سي گورنمينٽ هولڊنگ پرائيويت لميٽيڊ جي لون جي معاملي تي به غور ڪيو ويندو. گذريل هفتي اي سي جي اجلاس ۾ قومي اليڪٽريڪل وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي هئي. جاري ڪيل بيان موجب اي سي سي مقامي تيار ڪيل موبائل فونز تي لاڳو 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيو. بيان موجب اسلام آباد ۾ نئين تعمير ٿيل آئسوليشن اسپتال ۽ انفيڪشنز ٽرينمنٽ سينٽر لاءِ 21 ڪروڙ 93 لک گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو