مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تڪراري آدمشماري خلاف سنڌ سرڪار جو ريفرنس پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ رد

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي حڪومت آدمشماري 2017 بابت سنڌ حڪومت جا سمورا اعتراض رد ڪري ڇڏيا آهن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان سنڌ حڪومت جو آدمشماري بابت ريفرنس رد ٿي ويو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ تڪراري آدمشماري جي منظوري ڏيڻ تي سي سي آءِ جي فيصلي خلاف قرارداد تي ڳالهائيندي سينيٽر تاج حيدر چيو ته 2017 جي آدمشماري تي اعتراض آهن انهيءَ وقت شماريات بيورو جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو اهو عبوري طريقو هو، اوهان جتي رهو ٿا اتي آدمشماري ۾ نه ڳڻيو ويو ۽ اوهان جتان جا آهيو اتي شمار ڪيو ويو. سنڌ اندر ٻين صوبن مان به ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن جيڪي ٻين صوبن مان ماڻهو آيا انهن کي سنڌ جي آباديءَ ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي، انهن کي ٻين صوبن جي آبادي ۾ شامل ڪيو ويو جتان هو آيا هئا ان ڪري سنڌ جي آبادي ظاهر نه ٿي سگهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو