مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ لاءِ ڪينسر بڻجي چڪي آهي: مريم نواز

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته  حڪومت ڪينسر جي مريضن لاءِ مفت دوا بند ڪري ڇڏي آهي، حڪومت هاڻ پاڻ پاڪستان جي لاءِ  ڪينسر بڻجي چڪي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪينسر جي مريضن جي لاءِ مفت دوا هن حڪومت بند ڪري ڇڏي آهي. جيڪا پاڻ هاڻ ملڪ جي لاءِ ڪينسر بڻجي چڪي آهي. مريم نواز چيو ته ڪينسر جي مفت علاج جي نالي تي چندو وٺندڙن اقتدار ۾ اچي ڪينسر جي مريضن کان سرڪاري علاج جو حق به ڦري ورتو آهي. هن چيو ته تبديلي سرڪار جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي غربت ۽ مهانگائي جي ماريل عوام حڪومت کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو