مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

تحريڪ انصاف جا 24 ايم اين اي سنڌ هائوس ۾ هجڻ جو انڪشاف

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پي ٽي آءِ جهانگير ترين گروپ جي ايم اين اي راجا رياض انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ انصاف جا 24 ايم اين اي سنڌ هائوس ۾ موجود آهن. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ اسان جي ايم اين ايز تي حملو ٿيو ۽ کين تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ ٿاڻي نيو ويو، سڄي قوم کي خبر آهي ته پارليامينٽ لاجز تي حملو ڪرايو ويو ۽ ان ئي حملي سبب اسان سنڌ هائوس آياسين، اسان 24 ايم اين ايز سنڌ هائوس ۾ موجود آهيون. هن چيو ته اسان تحريڪ انصاف ۾ آهيون، پر عمران خان سان اختلاف آهن، ضمير موجب فيصلو ڪنداسين، جيڪڏهن ڪنهن کي يقين ناهي ته اسان وٽ 24 ايم اين ايز آهن ته حڪومت کي چئلينج ٿو ڪريان ته پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ۽ ڏسي ته ڪير ڪنهن کي ٿو ووٽ ڏئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو