مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 65 مان 30 سيٽون کٽيون: پرويز خٽڪ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته خيبر پختونخواهه جي عوام کي مبارڪباد ڏجي ٿي. وڊيو بيان ۾ پرويز خٽڪ چيو ته بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 65 مان 30 سيٽون کٽيون، پي ٽي آءِ اميدوارن کي 70 سيڪڙو ووٽ مليا. جڏهن ته ٻين پارٽين کي رڳو 30 سيڪڙو ووٽ مليا. هن چيو ته وڏي ڪاميابي تي پي ٽي آءِ جا حامي، ڪارڪن ۽ عوام شڪرگذار آهي. پرويز خٽڪ چيو ته اڄ جي نتيجن جا پاڪستان جي ايندڙ عام چونڊن تي اثر پوندا. خيبر پختونخواهه ۾ به پي ٽي آءِ اڳ وانگر ڪاميابيون حاصل ڪندي رهندي ۽ عمران خان ٻيهر وزيراعظم هوندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو