مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلبل پاڪستان نيره نور 71 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بلبل پاڪستان جي نالي سان مشهور پاڪستان جي ليجنڊ ڳائڻي نيره نور 71 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. نيره نور جي خانداني ذريعن موجب هوءَ گذريل ڪجهه ڏينهن کان بيمار هئي ۽ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. نيره نور جي جنازي نماز ڊفينس ۾ ادا ڪئي وئي. نيره نور جو منفرد آواز پاڪستاني موسيقيءَ جي سڃاڻپ آهي. 3 نومبر 1950ع تي ڀارتي رياست آسام جي شهر گوهاٽي ۾ جنم وٺندڙ نيره نور پاڪستان جي قيام کانپوءِ پنهنجي خاندان سان گڏ پاڪستان آئي ۽ ڪراچي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. هوءَ شروعاتي ڏينهن ۾ بيگم اختر ۽ ڪنن ديوي جي ڳائڻ کان متاثر هئي ۽ جڏهن هن ريڊيو پاڪستان لاءِ ڳائڻ شروع ڪيو ته نيره نور لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ شاگردياڻي هئي. نيره نور فيض احمد فيض جي ڪلام کي عوام تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن هميشه پنهنجي ڳائڻ لاءِ خوبصورت شاعري جي چونڊ ڪئي. بلبل پاڪستان ڪيترن ئي ٽي وي سيريلن لاءِ گيت پڻ ڳايا ۽ سندس ملي نغما پڻ تمام گهڻو مقبول ٿيا. کيس ڪيترن ئي قومي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو