مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاول ڀيڻ بختاور جي مڱڻي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪراچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ قرنطينه ۾ آهي، جنهن سبب هو پنهنجي ڀيڻ جي مڱڻي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو.

بختاور ڀٽو زرداري جي مڱڻي سڀاڻي بلاول هائوس ۾ رٿيل آهي پر ڪورونا وائرس سبب مڱڻي تقريب جون تياريون ٿڌيون ٿي ويون آهن، ڇو ته ڪورونا وائرس سبب بلاول ڀٽو زرداري به ڀيڻ جي مڱڻي تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، هو گهر جي مخصوص حصي ۾ قرنطينه ۾ آهي.

هوڏانهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ مڱڻي تقريب ۾ رڳو ڪجهه وقت لاءِ شرڪت ڪندو.

ذريعن موجب مڱڻي تقريب ۾ رڳو مخصوص ماڻهو شرڪت ڪندا ۽ ٻنهي خاندانن جا ماڻهو شريڪ ٿيندا.

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو