مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

برطانيه ۾ ٽن ڏهاڪن جو خطرناڪ طوفان 3 ماڻهو فوت

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ٽن ڏهاڪن ۾ اچڻ وارو خطرناڪ ترين سامونڊي طوفان برطانيه جي ساحلي علائقي ڪارن وال سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا. برطانوي ميڊيا موجب طوفاني هوائن سبب مختلف جاين تي وڻ ۽ ڀتيون ڪرڻ جا واقعا ٿيا جن ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيا. 122 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا ۽ سوين صارفين کي بجلي جي فراهمي ڪٽجي وئي. طوفاني هوائن سان عمارتن، گهرن ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو. سوين اڏامون منسوخ ٿي ويون ۽ ڪيترن ئي روڊن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو، ٽرين سروس به بند رهي. ڪارن وال، سمرسٽ، برسٽل ۽ ڊيون ۾ اسڪول بند ڪيا ويا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو