مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اڳيان وڌڻ جو هڪ ئي رستو آئين جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت آهي: بلاول ڀٽو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته انصاف ۽ برابري جي بنياد تي جمهوري معاشري جي قيام لاءِ هي ملڪ ٺاهيو ويو. هن ملڪ ۾ اڳيان وڌڻ جو هڪ ئي رستو آئين جي بالادستي آهي. يوم پاڪستان جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم ۽ ان جي خدمتن کي وسارڻ سان ملڪ معاشي، سياسي ۽ معاشرتي دلدل ۾ ڦاسندو پيو وڃي. نظرياتي احساس تي عمل ڪرڻ سان ئي پاڪستان اسلامي ملڪ مان رول ماڊل بڻجي سگهي ٿو. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هر ادارو آئيني ۽ مينڊيٽ موجب ڪم ڪري ته جيئن قرارداد پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي جا مقصد حاصل ڪري سگهجن. پيپلز پارٽي پاڪستان جي ويزن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ جدوجهد جاري رکندي. ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ضد، ڪوڙ، بغض، نفرت جي سوچ ملڪ ۽ قوم کي نقصان پهچايو آهي. اڄ اسان کي قائداعظم جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سماجي ۽ معاشي انصاف رياست جي هر شهري جو بنيادي حق آهي. 1973ع جي آئين تي عمل ڪرڻ سان رياست مضبوط ٿيندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو