مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اڳوڻو ڊي جي آءِ بي آفتاب سلطان نيب چيئرمين مقرر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وفاقي حڪومت آءِ بي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل آفتاب سلطان کي نيب چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اٽيليجنس بيورو جي اڳوڻي ڊي جي آفتاب سلطان کي نيب جو نئون چيئرمين نامزد ڪيو ويو آهي. آفتاب سلطان جو واسطو پوليس سروس سان هو ۽ هو پوليس ۾ 22 هين گريڊ جو آفيسر هو، ٻين عهدن سميت آءِ بي جي ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي به رهي چڪو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا آفتاب سلطان کي چيئرمين نيب مقرر ڪرڻ جي باضابطا منظوري به ڏئي ڇڏي آهي. آفتاب سلطان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ انٽيليجنس بيورو جو سربراهه رهي چڪو آهي. 2002ع ۾ پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ آفتاب سلطان ڊي آءِ جي سرگوڌا مقرر ٿيو، کيس مشرف حڪومت ۾ معطل پڻ ڪيو ويو هو. 2013ع جي عام چونڊن دوران آفتاب سلطان کي آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو