مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

افغانستان ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملو، چوڏهن اهلڪار مارجي ويا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي بمبار بارود سان ڀريل ڪار ٽڪرائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 14 اهلڪار مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. افغان ميڊيا موجب ننگرهار جي ضلعي شيرزاد ۾ فوجي چيڪ پوسٽ تي تيز رفتار ڪار اچي ٽڪرائي جنهن سان زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ چيڪ پوسٽ مڪمل طور تباهه ٿي وئي. ننگرهار جي صوبائي ڪائونسل جي ڊپٽي هيڊ عبيدالله شنواري ميڊيا کي ٻڌايو ته آپگهاتي بم حملي ۾ 14 اهلڪار مارجي ويا آهن، هي اهلڪار سول آرڊر فورس سان تعلق رکندا هئا جيڪا افعان آرمي جي ماتحت آهن. ٻئي طرف مقامي طالبان ڪمانڊر ننگرهار جي فوجي چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملي جي ذميواري قبول ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته آمريڪي ۽ افغان فوج شهرين تي بمباري بند ڪري.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو