مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اصل جوابدار بدران بي ڏوهه کي 3 سال قيد ۾ رکڻ پوليس کي مهانگو پئجي ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ اصل قيدي جي جاءِ تي ٻئي کي جيل ۾ قيد رکڻ جي ڪيس ۾ پوليس کي متاثر شهري کي معاوضو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اصل قيدي جي جاءِ تي ٻئي قيدي کي جيل ۾ رکڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عبدالله نالي شخص کي ڪوڙا دستاويز ٺاهي 3 سالن تائين جيل ۾ رکيو ويو هو. عدالت پوليس کي متاثر شهري کي معاوضو ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم نامي ۾ چيو ته پوليس اهلڪارن کي سزا ڏيڻ سان اها ڳالهه ثابت ٿيندي آهي ته ڏوهه ٿيو آهي، هڪ غريب شخص کي بنا ڏوهه جي جيل ۾ رکيو ويو، اهو معاوضي جو حقدار آهي.عدالت چيو ته اي آءِ جي ليگل اعليٰ آفيسرن سان مشاورت ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌائي ته معاوضو ڇا ڏنو وڃي. پوليس رپورٽ موجب گهوٽڪي پوليس عبدالله نالي شهري کي محراب شر جي نالي سان 3 سالن تائين جيل ۾ رکيو، محراب شر ڪيترن ئي ڪيسن ۾ مفرور هو ۽ پوليس عبدالله کي محراب جي نالي سان عدالت ۾ پيش ڪيو هو. پوليس طرفان عبدالله کي شادي ڪرائڻ جي لالچ ڏني وئي هئي، کيس چيو ويو هو ته محراب شر بڻجي ڪجهه هفتا جيل وڃ، پوءِ تنهنجي شادي ڪرائي ويندي. عبدالله کي چيو ويو هو ته تنهنجي شادي محراب شر جي ڌيءَ سان ڪرائي ويندي، پر عدالت واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو