مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسد عمر ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ صوبن کي خط لکي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي لاءِ سمورن وفاقي يونٽن کي خط لکي ڇڏيو آهي. اسد عمر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي. اين سي او سي وفاق جي سمورن يونٽن سان صلاح مشورا ڪري رهي آهي ۽ موجوده حالتن تي اين سي او سي نظر رکندي پئي اچي. اين سي او سي جي سربراهه چيو آهي ته پهرين ۽ ٻئين لهر جي دوران وفاق جي سمورن يونٽن بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ان جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا جڏهن ته ٽئين لهر ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ڪمزور نظر اچي رهيو آهي. وفاقي وزير موجب اين سي او سي جي فيصلن جي سياسي ۽ سماجي اجتماعن ۾ ڀڃڪڙي نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته اين سي او سي جي هدايتن جي ڀڃڪڙي ٻين شعبن ۾ به ايس او پيز جي بهتر نفاذ ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي. اسد عمر چيو ته اين سي او سي جي هدايتن تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي. خاص طور تي عوامي اجتماعن بابت هدايتن تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان بهتر قدمن ۽ اجتماعي ڪاوشن سان وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو