مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسان تي پابندي لڳائي وئي ته تيل 300 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويندو: روسي نائب وزيراعظم

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نواڪ روس جي تيل تي پابندي جي حوالي سان دنيا کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اليگزينڊر نواڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن روسي تيل تي پابندي لڳائي وئي ته ان جا عالمي مارڪيٽ ۾ تباهه ڪندڙ نتيجا نڪرندا ۽ تيل جي قيمت 300 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويندي. ٻئي طرف وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر روسي تيل ۽ گئس جي درآمد روڪڻ جو اڃان تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو. ٻئي پاسي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو ته روسي تيل تي عالمي پابندين جو معاملو غور هيٺ هو، پر جرمني ۽ هنگري ان جي مخالفت ڪئي.

 هن وڌيڪ چيو ته روسي تيل ۽ گئس کانسواءِ يورپ پنهنجي توانائي جون ضرورتون پوريون نه ڪري سگهندو، روسي تيل تي پابندي جي خبرن تي سڄي دنيا جي منڊين ۾ مندي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي.  بورس جانسن چيو ته روسي تيل جي پابندي جي خبر تي خام تيل جي قيمت پڻ وڌي وئي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو