مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اختلافي معاملن تي شهباز شريف هٿ کڻي ويو، بلاول، نواز شريف سان ملڻ اڄ لنڊن ويندو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ رات لنڊن روانو ٿي رهيو آهي، جتي هو ن ليگ جي سربراهه نواز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ اختلافي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جي نون ڏينهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا کي حلف کڻڻو آهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري وفاقي وزيرن جي حلف برادري واري تقريب ۾ شرڪت ته ڪئي، پر حلف نه کنيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي صدر، چيئرمين سينيٽ ۽ گورنر پنجاب جا عهدا وٺڻ گھري ٿي. ذريعن موجب اختلافي معاملن تي وزيراعظم شهباز شريف هٿ کڻي ڇڏيو آهي ۽ بلاول کي نواز شريف سان سڌي ريت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ن ليگ سربراهه ميان نواز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ اختلافي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، بلاول ڀٽي جي لنڊن کان واپسي بعد پرڏيهي وزير طور حلف کڻڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي معاملن تي ن ليگ سان ڪا ڊيڊ لاڪ ناهي، بلاول ڀٽو اي اين پي، بي اين پي ۽ محسن داوڙ کي وزارت ملڻ کانپوءِ حلف کڻڻ چاهي ٿو. پڌرائي موجب بلاول ڀٽو اتحادي حڪومت جي قائم ٿيڻ تي نواز شريف کي مبارڪ ڏيڻ وڃي رهيو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو