مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا جو پاڪستان کان مطالبو چين رد عمل ڏئي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آمريڪي سيڪريٽري اسٽيٽ انٽوني بلنڪن طرفان پاڪستان کي چين کان قرض ۾ رليف وٺڻ جي تجويز تي چين رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر پاڪستانين جي گهرن جي نئين سر تعمير ۾ مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکنداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب معمول جي بريفنگ دوران چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان وينگ وين بن چيو ته جيئن ئي پاڪستان ۾ ٻوڏ آئي، چين پنهنجي دوست ملڪ جي تڪڙي مدد ڪئي. هن چيو ته چين جي حڪومت 40 ڪروڙ چيني يو آن جي انساني بنيادن تي مدد ڪئي، جڏهن ته چين جي سول سوسائٽي به امداد ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان وچ ۾ فائديمند اقتصادي ۽ مالي سهڪار رهيو آهي، پاڪستاني عوام اها ڳالهه چڱي ريت ڄاڻي ٿو. چيني پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪ، چين سهڪار خلاف بنا جواز تنقيد بدران پاڪستاني عوام لاءِ حقيقي ۽ فائديمند ڪم ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستان کي چيو آهي ته اهو ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي سبب ويجهي دوست ملڪ چين کان قرض ۾ رليف حاصل ڪري.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو