مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سان چيني سفير جي ملاقات

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چيني سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چيني سفير وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ذريعن موجب چيني سفير سان گڏ ڊفينس اتاچي ۽ قونصل جنرل ڪراچي سميت ٻيا سفارتڪار پڻ گڏ هئا، ان ملاقات ۾ شيري رحمان به شامل هئي. چين جي سفير نونگ رونگ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي به پنهنجي ملاقات جي حوالي سان بيان ڏنو آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڏور رس برادراڻن لاڳاپن جي حوالي سان به گفتگو ڪئي. جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ چائنا جي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو مثالي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن جي ٻه طرفي سهڪار ۽ چين جي پاڪستان لاءِ ڪورونا ويڪسين جي معاملي تي تعريف ڪئي. 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو