مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آءِ ايم ايف قرض جا پئسا نٿو ڏئي: آرمي چيف جو آمريڪا کي مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ درخواست

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه آمريڪا کي پاڪستان لاءِ قرض جي رقم جلد جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب آرمي چيف آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران آرمي چيف چيو ته وائٽ هائوس ۽ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهي ته جيئن عالمي مالياتي ادارو پاڪستان کي تقريبن هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جاري ڪري. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائٽ هائوس کان اپيل ڪئي وئي آهي ته آءِ ايم ايف کي 1.2 ارب ڊالر جي قرض جا پراسيس تيز ڪرڻ جو چيو وڃي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ مالياتي حالتون بهتر ناهن. واضح رهي ته آءِ ايم ايف 13 جولاءِ تي پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏني هئي، پر پئسا اڃان تائين جاري ناهن ٿي سگهيا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو