مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سگريٽ جا عادي نوجوان پنهنجن ٻارن ۾ نقصان ڏيندڙ جينيٽڪ بيماريون منتقل ڪري سگهن ٿا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سگريٽ پيئڻ وارا نه صرف پنهنجو پاڻ کي، پر پنهنجي مستقبل ۾ ٿيڻ وارن ٻارن کي به نقصان پهچائي سگهن ٿا. ميڊيا رپورٽن مطابق نئين تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪي نوجوان پنهنجي ابتدائي جواني ۾ سگريٽ پيئن ٿا، اهي مستقبل ۾ ٿيندڙ پنهنجن ٻارن کي اهي جينيٽڪ بيماريون منتقل ڪري سگهن ٿا جيڪي کين نقصان ڏئي سگهن ٿيون. مٿين تحقيق ۾ 7 کان 50 سال جي عمر جي 875 ماڻهن جي جينيٽڪ پروفائلن ۽ انهن جي والدين جي سگريٽ نوشي واري رويي جي جانچ ڪئي وئي، جن ماڻهن جي والد ابتدائي جوانيءَ ۾ سگريٽ نوشي شروع ڪئي، انهن جي ٻارن ۾ دم، ٿولهه ۽ ڦڦڙن سان منسلڪ ڪيتريون ئي ٻيون جينيٽڪ علامتون سامهون آيون. يونيورسٽي آف سائوٿمپٽن ۽ ناروي جي يونيورسٽي آف برجن جي محققن مطابق اهو پهريون انساني مطالعو آهي جنهن ۾ پيءَ جي ابتدائي عمر ۾ ڪيل سگريٽ نوشي جا اثر ان جي ٻارن ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو