مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

يوم تڪريم: آرمي چيف طرفان جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي حاضري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

يوم تڪريم جي حوالي سان مُک تقريب جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ٿي. جنهن ۾ مهمان خاص چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، گل چاڙهيا ۽ دعا گهري. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن کان پوءِ قومي ترانو پڙهيو ويو. تقريب ۾ هٿياربند فوج جي حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسرن شرڪت ڪئي. اڳوڻو آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوه، اڳوڻو چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا ۽ ٻيا ريٽائرڊ آفيسر به تقريب ۾ موجود هئا. رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد، مفتي منيب الرحمان، قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم سميت زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن به يوم تڪريم جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب  ۾ موجود شهيدن جي گهر ڀاتين ۽ اسڪول جي ٻارن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا. ٻئي طرف پاڪستان ايئرفورس، پاڪستان نيول هيڊ ڪوارٽرز، فارميشن هيڊ ڪوارٽرز ۽ پوليس جي شهيدن جي يادگارن تي به تقريبون منعقد ڪيون ويون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو