مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهيون، غزه ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ جنگ بند ٿيڻ ضروري آهي: سعودي عرب

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي صدارت هيٺ سعودي ڪابينا جي اهم اجلاس ۾ اسرائيل فلسطين ويڙهه سميت اهم قومي، بين الاقوامي ۽ معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، اجلاس جي اعلاميي ۾ چيو ويو ته سعودي عرب مسلسل فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهي. غزه ۽ ان جي اوسي پاسي ويڙهه بند ٿيڻ گهرجي. اهو به چيو ويو ته سعوي عرب خطي ۾ جنگ جو دائرو وسيع ٿيڻ کي روڪڻ جي حق ۾ آهي. اجلاس دوران شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان اسرائيل فلسطين معاملي تي تازي ڪشيدگيءَ متعلق بين الاقوامي رهنمائن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت ڪابينا کي آگاهه ڪيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو