مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسان کي سياست بدران معيشت جو فڪر ڪرڻ گهرجي: آصف زرداري

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ هن وقت هڪ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، اسان سڀني کي سياست بدران معيشت جو فڪر پهرين ڪرڻ گهرجي، ملڪ آهي ته اسان سڀ آهيون. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته نگران حڪومت اسپيشل انويسٽمينٽ فئسيلٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪري. منصوبو مڪمل ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي آندو وڃي. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن آئين مطابق اليڪشن ڪرائيندو. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سمورن ميمبرن تي اسان کي پورو اعتماد آهي. هن چيو ته مردم شماري کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نيون حلقه بنديون ڪرائڻ جو پابند آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو