مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

اسرائيل ۾ پرتشدد مظاهرا: وزير دفاع برطرف: قونصل جنرل مستعفي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسرائيلي وزير اعظم بنيامين نيتن ياهو دفاع واري وزير کي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بنيامين نيتن ياهو عدالتي سڌارا روڪڻ جي مطالبي تي دفاع واري وزير يواف گلينٽ کي برطرف ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب دفاع واري وزير جي برطرفي کانپوءِ عدالتي سڌارن خلاف مظاهرا زور وٺي ويا آهن ۽ مظاهرين پرتشدد ٿي ويا آهن. شهرين تل ابيب جي مرڪزي شاهراهه بند ڪري احتجاج ڪيو، ان کانسواءِ اسرائيلي وزير اعظم جي رهائشگاهه آڏو به ڌرڻو هنيو ويو. ٻئي پاسي نيويارڪ ۾ اسرائيل جي قونصل جنرل به مستعفي ٿي ويو آهي ۽ اُن مظاهرين جي حق ۾ آواز بلند ڪيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو