مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مصنوعي سڻڀ جو استعمال، پاڪستان دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن ۾ شامل

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

صحت واري عالمي اداري جي هڪ تازي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي صنعتي طور تي تيار ٿيندڙ چرٻي يا صحت کي نقصان ڏيندڙ سڻڀ جي استعمال سان ملڪي آبادي جو وڏو حصو خطري ۾ آهي. ياد رهي ته عام طور تي صنعتي سطح تي تيار ٿيندڙ هيءَ سڻڀ ڪوڪنگ آئل، بيڪري مصنوعات ۽ دٻي بند خوراڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.  2018 ۾ صحت واري عالمي اداري دنيا جي سمورن ملڪن ۾ مضر صحت ٽرانس فيٽي ايسڊ جو 2023 تائين خاتمو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، سبب اهو آهي ته انهن فيٽي ايسڊن سان دل جون بيماريون ٿين ٿيون. دل جي مرض جي نتيجي ۾ مرندڙ ماڻهن جو تعداد ساليانو 5 لکن تائين پهچي چڪو آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو