مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

انقلابي قدم: ڏندن جي مرض جو علاج هاڻ مهانگو ۽ تڪليف ڏيندڙ ناهي رهيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڏندن جو مرض جيترو تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، اوترو ئي ان جو علاج به مهانگو ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن تشخيص ۾ ٿورڙي به غلطي ٿي وڃي ته نه صرف پيسن جو ذيان ٿيندو آهي، پر انساني چهري جا خدوخال پڻ بگڙجي سگهن ٿا. کائڻ پيئڻ ۾ تڪليف پنهنجي جاءِ تي مريض کي تنگ ڪندي رهي ٿي. آرٽيفيشل انٽيليجنس جتي سمورن شعبن ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، اتي صحت جي شعبي ۾ به موثر ۽ جدت جو سبب بڻجي آهي. مرض جي صحيح سڃاڻپ ۽ علاج آسان ۽ سستو ٿي ويندو.

يونيورسٽي آف سري جي قيادت ۾ ڪنگز ڪاليج آف لنڊن، اين ايڇ ايس فائونڊيشن ٽرسٽ ۽ اورل هيلٿ فائونڊيشن آرٽيفيشل ماڊل تيار ڪيو آهي، جيڪو ڏندن جي نهايت موثر ۽ مڪمل طور تي درست تشخيص ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هيءَ ٽيڪنالاجي قيمتي وقت ۽ پيسي جي بچت ڪري سگهي ٿي.

نيشنل انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ اينڊ ڪيئر ريسرچ جي 1.55 ملين پائونڊن جي گرانٽ سان مڪمل ٿيندڙ هن پروجيڪٽ جو مقصد ڏندن جي ريڊيوگرافس کي جمع ڪرڻ، انهن جي تشريح ڪرڻ ۽ بيماري جي تشخيص ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ”ون ونڊو“ حل فراهم ڪرڻ آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو