مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

توشه خانه ڪيس: عمران خان جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد جي عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جي حاضريءَ کان ڇوٽ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عمران خان جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته ائين ناهي ته عمران خان ڄاڻي واڻي پيش نه پيو ٿئي، عمران خان کي سيڪيورٽي جا خطرا آهن، هو قاتلاڻي حملي ۾ زخمي به ٿيو آهي. عمران خان جي وڪيلن فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي به مخالفت ڪئي، گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کان اڳ ڪيس جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ بابت فيصلو ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو اڄ منجهند ساڍي 3 وڳي ٻڌائيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪندي عمران خان کي اڄ پيشي جو حڪم ڏنو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو