مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت جو اڄ آخري ڏينهن

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت اڄ رات 12هين وڳي ختم ٿي ويندي. سڀاڻي کان سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندو. گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 11 هزار 553 افغاني پنهنجي وطن روانا ٿي ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل ڏينهن افغانستان روانه ٿيندڙ غير قانوني پرڏيهين ۾ 3 هزار 153 مرد، 2 هزار 823 عورتون ۽ 5 هزار 577 ٻار شامل آهن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعلان موجب سڀاڻي کان غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويندو. غير قانوني پرڏيهين کي ترسائڻ ۽ ٻيون سهولتون ڏيندڙ پاڪستانين خلاف به ڪارروائيون ٿينديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو