مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ٽائٽينيم ڊزائن، طاقتور ڪئميرا، سي ٽائپ چارجر ۽ بهتر گيمنگ: آئي فون 15 ۾ ڇا نئون آهي؟

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ايپل ڪمپني پنهنجي آئي فون سيريز جي نئين ماڊل ”آئي فون 15“ کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ايپل مطابق ”آئي فون 15 پرو“ ۽ ”آئي فون 15 پروميڪس“ اهڙي ٽائٽينيم سان تيار ڪيون وينديون، جنهن سان خلائي گاڏيون تيار ڪيون وينديون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هي فون وزن ۾ هلڪو، پر انتهائي مضبوط هوندو. ايپل جي صارفين جي لاءِ هن ڀيري هڪ سٺي خبر اها به آهي ته ڪمپني مختلف ماڊلن جي قيمتن ۾ اضافي جي خبرن جي برعڪس آئي فون 15 جي قيمت ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي. آئي فون 15 جي قيمت 799 ڊالر، آئي فون 15 پلس جي قيمت 899 ڊالر ۽ آئي فون 15 پرو جي قيمت 999 ڊالر آهي. جڏهن ته فون جو سڀ کان مهانگو ماڊل آئي فون 15 پروميڪس 1199 آمريڪي ڊالرن ۾ دستياب هوندو. ايپل مطابق آئي فون 15 پرو ۽ آئي فون 15 پرو ميڪس چئن رنگن ۾ دستياب هوندو جنهن ۾ ڪارو، اڇو، نيرو ۽ قدرتي ٽائٽينيم رنگ شامل هوندا. هن نئين فون ۾ 48 ميگا پڪسل جو جديد ڪئميرا وارو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جيڪو سمارٽ ايڇ ڊي آر ۽ بهتر ريزوليشن سان گڏ بهتر تصويرون ڇڪڻ ۽ رات جي وقت به سٺيون تصويرون ڇڪڻ ۾ مدد ڪري سگهندو. ٻئي پاسي آئي فون 15 پرو ميڪس ۾ ٽيلي فوٽو ڪيمره شامل ڪيو ويو آهي، ان ۾ هڪ نئون ايڪشن بٽڻ پڻ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ستن لينسن سان گڏ ڪئميرا اڃا وڌيڪ بهتر ڪم ڪندي. نئين فون ۾ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ سيٽلائٽ ذريعي اضافي سفري سهولتون ڏنيون ويون آهن. ايپل مطابق ان سهولت سبب جيڪڏهن ڪو صارف گاڏيءَ ۾ خرابيءَ سبب ڪنهن اهڙي جاءِ تي ڦاسي پوي ٿو جتي سگنل نه هجن ته هو ايپل جي سيٽلائٽ نظام کان مدد حاصل ڪري سگهندو ۽ ٻين صارفن سان پنهنجو پاڻ کي ڳنڍي سگهندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو