مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سلمان خان کي 30 اپريل تي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بالي ووڊ اداڪار سلمان خان لاءِ هڪ ٻي ڌمڪي واري ڪال ممبئي پوليس کي وصول ٿي جنهن ۾ اڻڃاتل شخص اداڪار کي جلد قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ممبئي جي مين پوليس ڪنٽرول روم ۾ پوليس کي ڪال موصول ٿي جنهن ۾ هڪ شخص چيو ته هو سلمان خان کي 30 اپريل تي قتل ڪندو. پوليس ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪال جي جاءِ جو پتو لڳائي ورتو جنهن موجب ڪال ممبئي کان 70 ڪلوميٽر پري جي علائقي کان ڪئي وئي هئي. ڀارتي پوليس موجب علائقي ۾ ڪارروائي ڪرڻ بعد خبر پئي ته ڪال 16 ورهين جي ڇوڪري ڪئي هئي جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڇوڪري جو واسطو راجسٿان جي شهر جوڌپور سان آهي. وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جوابدار جو ارادو ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي. ميڊيا موجب سلمان خان کي گذريل مهيني اي ميل ذريعي به قتل جي ڌمڪي ڏني وئي هئي جنهن کانپوءِ سندس سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو