مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

فيض آباد ڌرڻي ۾ ميڊيا تي شديد دٻاءُ هو، اڳوڻي چيئرمين پيمرا ابصار عالم سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اطلاعن موجب قسم نامي ۾ اڳوڻي چيئرمين پيمرا ابصار عالم دعويٰ ڪيو آهي ته هڪ خفيه ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه ۽ آفيسرن طرفان ميڊيا چئنلن تي دٻاءُ وڌو ويندو هو ۽ هدايتون نه مڃڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا هئا. ابصار عالم الزام لڳايو آهي ته کيس آئي ايس آئي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل فيض حميد ۽ ان جي ماتحتن جون ڪالون موصول ٿينديون هيون، جيڪي کيس سينئر صحافي نجم سيٺي خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ اڳوڻي سفير حسين حقانيءَ جو ٽي.وي چئنلن تان مڪمل بليڪ آئوٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، پر انهن مطالبن تي ڪڏهن به ڌيان نه ڏنو ويو. خيال رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ 2017 جي فيض آباد ڌرڻي خلاف نظرثاني جي درخواستن جي اڄ ٻيهر ٻڌڻي ٿي رهي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو