مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئين آرمي چيف جي مقرري جو عمل شروع ٿي ويو آهي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

بچاءَ واري وزارت جي سمري وزيراعظم آفيس ۾ پهچي چڪي آهي. اطلاعن موجب سمري ۾ 5 سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن جا نالا موڪليا ويا آهن، جن ۾ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا، ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس، ليفٽيننٽ جنرل نعمان ۽ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد شامل آهن. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، هڪ نالو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ۽ ٻيو آرمي چيف لاءِ فائنل ڪيو ويندو. ٻنهي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ کانپوءِ وزيراعظم سمري صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي کي موڪليندو. ان حوالي سان وفاقي وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو عمل سومر کان شروع ٿيندو ۽ اڱاري، اربع تائين مڪمل ڪيو ويندو. موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر تي رٽائر ٿي ويندو. سندس رٽائرمينٽ کان اڳ نئين آرمي چيف جو اعلان 27 نومبر تي ڪيو ويندو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو