مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مئي جو آخري هفتو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي: منظور وساڻ

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته مئي جو آخري هفتو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي. مئي جي آخري هفتي ۾ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي راند ختم ٿيندي پئي وڃي. پي ڊي ايم جو ارادو هو ته حڪومت مدو پورو ڪري 8 آڪٽوبر تي چونڊون ڪرائي. هن چيو ته حالتون اهڙيون آهن ته هلندڙ سال چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن. ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هاڻ ڳالهه ايمرجنسي کان به اڳيان وڃي سگهي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ ڪوليشن حڪومت بڻجي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته آئين ۾ ترميم ڪري چونڊون هڪ سال جي لاءِ اڳيان وڌايون وڃن. منظور وساڻ چيو ته سياستدانن کي صبر سان سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻ گهرجن. عمران خان وٽ گهڻو وقت هو، پر هن اهو به ضايع ڪري ڇڏيو. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ هاڻ پهرين جهڙي پارٽي نه رهندي. چونڊن ۾ به تحريڪ انصاف جا ڪجهه ئي ماڻهو حصو وٺندا.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو