يورپي يونين افغان شهرين جي لاءِ 6 ڪروڙ 10 لک يورو جي امداد جاري ڪري ڇڏي
يورپي يونين افغانستان ۾ ڪمزور طبقي ۽ پاڪستان ۾ افغان تارڪين وطن جي امداد لاءِ 6 ڪروڙ 10 لک يورو جاري ڪري ڇڏيا. برسلز ۾ يورپي سول پروٽيڪشن اينڊ هيومينٽيرين ايڊ آپريشنز (ايڪو) جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل جي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته 6 ڪروڙ يورو افغانستان ۾ ڪم ڪرڻ وارن ادارن لاءِ مختص ڪيا ويا آهن ۽ 10 لک يورو پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ وارن ادارن لاءِ رکيا ويا آهن. ان مالي امداد سان افغانستان ۾ خوراڪ جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، جتي لڳ ڀڳ اڌ آبادي شديد غذائي کوٽ جي خوف جو شڪار آهي. فنڊنگ جو اڌ حصو افغانستان واپس ايندڙ ماڻهن تي خرچ ڪيو ويندو.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟