مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پوليس کان به اڳتي نڪري ويو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جو تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پوليس کان به اڳتي نڪري ويو آھي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان  ۾ ڪرپشن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آھي. رپورٽ موجب ھلندڙ سال سنڌ جو  تعليم کاتو ڪرپشن ۾ پهرين ۽ پوليس کاتو ٻئي نمبر تي رهيو.  پاڪستان ۾ مجموعي طور پوليس ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳتي رهي پر سنڌ ۾ پوليس ٻئي نمبر تي رھي. رپورٽ موجب ملڪ ۾ گڏيل طور تعليم کاتو چوٿين نمبر تي رھيو پر سنڌ ۾ ڪرپشن جي حوالي سان پھرين نمبر تي اچي ويو آھي. رپورٽ موجب پنجاب ۾ پوليس ڪرپشن ۾ پھرين نمبر تي رهي، بلوچستان ۾ ٽينڊرنگ سيڪٽر ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل رهي. تعميراتي ڪم جي ٿيندڙ ٽينڊرز ۾ وڏي ڪرپشن ٿي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو