مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

توشاخانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

اسلام آباد جي مقامي عدالت توشاخانه ريفرنس ۾ عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشاخانه ريفرنس ۾ فوجداري ڪارروائي ڪيس تي ٻڌڻي هلائي، اسلام آباد جي عدالت عمران خان خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 7 فيبروري تي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل طرفان عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. عدالت عمران خان جي وڪيل علي بخاري کي اڄ ئي وڪالت نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت عمران خان کي اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، پر پيش نه ٿي سگهيو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو