جي ايس ڪي دوا ساز ڪمپني جون ڳڻتيون اڃان وڌي ويون
دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني جي ايس ڪي پاڪستان پيناڊول جون ٽڪيون ۽ ٻارن جي لاءِ سيرپ ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيو. جي ايس ڪي پاڪستان جي جنرل مئنيجر فرحان هارون وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري توقير شاهه کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پيناڊول ٽڪين، پيناڊول ايڪسٽرا ۽ ٻارن جي لاءِ سيرپ ٺاهڻ بند ڪري رهيا آهيون. خط ۾ چيو ويو آهي ته هاڻوڪي اگهن تي پيناڊول جي پيداوار ممڪن ئي ناهي رهي، پاڪستان جي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پيناڊول جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي، ميڊيا رپورٽن موجب وفاقي ڪابينا اهڙي واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. جي ايس ڪي پاڪستان جي جنرل مئنيجر خط ۾ لکيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان نقصان برداشت ڪري پيناڊول جي پيداوار ڪري رهيا آهيون. حڪومت ڊريپ جا منظور ڪيل اگهه منظور ڪري ته دوائون ٻيهر ٺاهڻ شروع ڪنداسين.
هي مضمون ڪيئن رهيو؟