مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

قانوني ۽ آئيني ماهرن طرفان نون صوبن لاءِ جوڙيل ڪميٽي غير قانوني قرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ جي قانوني ۽ آئيني ماهرن نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ خورشيد شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ جوڙيل 7 رڪني پارلياماني ڪميٽي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. بيرسٽر ضمير گهمرو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جو ڪو به ذڪر نه آهي، آئين ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي صوبن جي وحدت جو خيال رکيو وڃي. قانوندان شهاب اوستو چيو ته آئين ۾ نون صوبن جي ڪا به گنجائش نه آهي، نوان صوبا ٺاهڻ ۽ انتظامي يونٽ ٺاهڻ ۾ فرق آهي، انتظامي يونٽ ٺاهڻ لاءِ به صوبي جي عوام جي اڪثريتي راءِ جي حمايت جو هجڻ ضروري آهي، آئين ۾ سنڌ جي وحدت کي تحفظ مليل آهي. نون صوبن بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي ۾ جاويد عباسي، صابر حسين قائمخاني، خالد مگسي، نزهت پٺاڻ، نويد عامر جيوا ۽ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي جا نالا به شامل آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو