مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نگران وزير اعليٰ سنڌ جي بدعنوان آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

نگران وزيراعليٰ سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر طرفان بدعنواني ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروس کاتي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري ورڪس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سنڌ ترقياتي اسڪيمن تي پيش رفت متعلق اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. اجلاس سان خطاب دوران نگران وزير اعليٰ سنڌ هدايت ڪئي ته ترقيءَ جي ڪمن جي معائني جي طريقيڪار کي بهتر بنايو وڃي. وڏين اسڪيمن جي ڪارڪردگيءَ جي باقاعدگيءَ سان جانچ ڪئي وڃي. سندس هدايت موجب غير معياري ڪمن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سٺي ساک رکندڙ انجنيئرنگ يونيورسٽين جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو