مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ جي صنعتي شعبي جي ٽن مهينن تائين گئس فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سئي گئس انتظاميا طرفان سنڌ جي صنعتي شعبي جي ٽن مهينن تائين گئس فراهمي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان موجب گهريلو واهپيدارن کي ڏکيائين کان بچائڻ لاءِ سڀاڻي کان صنعتي شعبن جي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سئي سدرن گئس ڪمپني جي ترجمان موجب پهرين ترجيح اِها آهي ته گهريلو واهپيدارن کي گئس ڏني وڃي، ڊسمبر ۾ گهُرج وڌڻ ڪري لوڊشيڊنگ جو شيڊيول جاري ڪري سگهجي ٿو. چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻ زبير موتي والا جو چوڻ آهي ته سڀاڻي کان 28 فيبروري تائين صنعتي شعبن کي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو ويو آهي، گئس بند ٿيڻ ڪري صنعتي شعبن کي پيدوار ۾ سخت ڏکيائون پيش اينديون.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو