مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

دماغ کي توانو رکڻو آهي ته ڪجهه وزن به کڻو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

جيڪڏهن توهان عمر جي ڪنهن به دور مان گذري رهيا آهيو ته هن وقت وزن کڻڻ جي عادت توهان کي دماغي طور تي مضبوط بڻائي سگهي ٿي. اهڙي ريت دماغي ۽ اعصابي عارضن کي به ٽاري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ جسماني سرگرمي ۽ ورزش جا دماغي فائدا اصولن ثابت ٿي چڪا آهن، ڇو ته ورزش ڊيمنشيا ۽ الزائيمر جهڙي مرض کي دور ڪري دماغ کي دير تائين توانو رکي سگهي ٿي. ڪجهه ڏينهن پهرين جرنل آف نيورولوجي نيوروسرجري اينڊ سائڪاٽري ۾ شايع ٿيل رپورٽ مطابق يونيورسٽي پنسلوانيا جي پروفيسر جيمز ڊينن هيءَ تحقيق ڪئي آهي، جنهن جو تت هي آهي ته زندگي ۾ ڪنهن به وقت جي جسماني سرگرمي دماغ لاءِ فائديمند هوندي آهي ۽ اهڙي ريت شروع واري عمر يا جواني ۾ ڪيل محنت يا ورزش سان دماغ دير تائين توانو رهي سگهي ٿو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو