مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرن جون سزائون برقرار، جسٽس منيب اختر 15 فيبروري تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. ڪرنل رٽائرڊ آزاد منهاس ۽ ڪرنل رٽائرڊ عنايت الله جون سزائن خلاف اپيلون خارج، ٻنهي اڳوڻن فوجي آفيسرن خلاف 1995 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش جي الزام هيٺ ڪارروائي ڪئي وئي هئي.

فيلڊ ڪورٽ مارشل آزاد منهاس کي سخت پورهئي سان 2 سال ۽ عنايت الله کي 4 سال قيد ۽ برطرفي جي سزا ٻڌائي هئي، لاهور هاءِ ڪورٽ مان سزائن خلاف درخواستون رد ٿيڻ بعد درخواستگذارن 2016 ۾ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو. سپريم ڪورٽ 15 فيبروري تي سزائن خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو