مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سپريم ڪورٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ حڪمران اتحاد جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سپريم ڪورٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ واري ڪيس ۾ حڪمران اتحاد جي وڪيلن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي شروع ڪئي ته پيپلزپارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو. چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان بائيڪاٽ ختم ڪري ڇڏيو؟ اخبارن ۾ بائيڪاٽ شايع ٿيل آهي، فاروق ايڇ نائڪ چيو ته اسان ڪو به بائڪاٽ نه ڪيو آهي، اسان کي بينچ بابت ڪجهه خدشا آهن. جسٽس منيب اختر چيو ته ٽي وي تي هليو ته اهم گڏجاڻي ٿي آهي، سڀ پڌرنامي جون خبرون هلائيندا رهيا آهن. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پاران صوبائي چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي.  اٽارني جنرل چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جڙيل بينچ پاران ٻڌڻي نه هلائڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو