مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

مطالعو يا باغباني زندگيءَ مان ڊپريشن کي گهٽ ڪري سگهن ٿا: تحقيق

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

هڪ تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته مطالعو يا باغباني يا ٻيو ڪو مشغلو وڏي عمر ۾ ڊپريشن کان بچائي سگهن ٿا ۽ ذهني صحت بهتر رکڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. مطالعي ۾ محققن آمريڪا، چين ۽ جاپان سوڌو 13 يورپي ملڪن سان تعلق رکڻ وارن 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي 93 هزار 263 ماڻهن جو سروي ڪيو. ان سروي ۾ 4000 کان وڌيڪ برطانوي ماڻهن به حصو ورتو، جن کان پڇيو ويو ته ڇا ماضيءَ ۾ انهن جو ڪو مشغلو هو يا هنن جو هن وقت ڪو مشغلو آهي. 78 سيڪڙو ماڻهو جن جو ڪو نه ڪو مشغلو هو اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ وڌيڪ مطمئن هئا ۽ انهن کي پنهنجي زندگي جي بهتر هجڻ جو احساس هو ۽ جن ماڻهن جو ڪو مشغلو نه هو ان جي ڀيٽ ۾ مشغلي رکندڙ ماڻهو وڌيڪ خوش ۽ مطمئن زندگي گهاري رهيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو