مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران يونيورسٽي سطح تي سنڌي ٻولي ۽ لسانيات تي تحقيق کي هٿي وٺائڻ لاءِ مالي سهائتا جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ته جيئن ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي ۾ داخلا وٺندڙ شاگرد وڌ ۾ وڌ سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي موضوعن تي تحقيق ڏانهن مائل ٿين. هن وقت جيڪي شاگرد ايم.فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخل آهن ۽ انهن جا تحقيقي موضوع سنڌي ٻولي ۽ لسانيات آهن. اهي پنهنجو تحقيقي خاڪو (Outline) موضوع جي انفراديت يا نواڻ، ڪم جو تفصيل ۽ داخلا جو سال لکي اداري جي سيڪريٽري ڏانهن موڪلي سگهن ٿا. پهتل درخواستون ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيون وينديون. جيڪي شاگرد ايم.اي جي مونوگراف ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن نئين/اڻ ڇهيل موضوع تي تحقيق ڪندا ته انهن جي سهائتا پڻ ڪئي ويندي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو