مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ ڀرتين کان روڪي ڇڏيو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ سنڌ جي حڪومت جي ڀرتين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڪيو ايم پاران داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ ڀرتيون ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت طرفان گهربل ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي. داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جو مدو 11 آگسٽ 2023 تي ختم ٿي رهيو آهي، سندن اهو عمل چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي دائري ۾ اچي ٿو. عدالت درخواست تي ٻڌڻي کان پوءِ سنڌ حڪومت کي مختلف کاتن ۾ ڀرتين کان روڪي ڇڏيو. ۽ نوڪرين بابت اشتهارن کي به معطل ڪري ڇڏيو. عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين کي 30 آگسٽ جي لاءِ نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو