مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

آمريڪا جي شهر ڪنيڪٽيڪٽ جي ميونسپلٽي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاهده ميمڻ کي مبارڪون

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سنڌ واسڻ شاھده ميمڻ جنهن جو تعلق اصل ۾ دڙي شھر سان آهي. هوءَ سنڌ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس ڊپارٽمينٽ جي گريجوئيٽ آھي ۽ هن وقت 23 سالن کان برينفورڊ ڪنڪٽيڪٽ ۾ رھائش پزير آھي. سنڌ واسي جتي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار ڪن ٿا، اتي جڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهائش پزير ٿين ٿا ته ان ڌرتيءَ کي به پنهنجي ڌرتي سمجهي ان جي ڪاميابي جي لاءِ متحرڪ رهن ٿا. ھن سنڌ ڄائي به پنھجي شھر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ميونسپلٽي ليول تي سياست ۾ حصو وٺي ٻيون ڀيرو اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان ڪاميابي ماڻي آهي. اھا سنڌ لاءِ فخر جي ڳالھ آهي. سنڌ جي نياڻي پرڏيهه ۾ اتان جي جمهوريت ۾ ڀرپور حصو وٺي نه صرف ڪاميابي ماڻي آهي، پر گڏوگڏ سنڌ جي نياڻين لاءِ به نوان رستا کوليا آھن. هوءَ کيرون لهڻي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو