مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

سينيٽ چيئرمين ڳالهين واري ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کان نالا گهري ورتا

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سياسي ڳالهين جي شروعات ۽ خصوصي ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کان نالا گهري ورتا. سينيٽ چيئرمين قائد ايوان اسحاق ڊار ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم کي خط لکندي چيو آهي ته ڪميٽي جي لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن بينچن مان 4-4 ماڻهن کي نامزد ڪيو وڃي. موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ سياسي پارٽين ۾ رابطي جي کوٽ آهي، حڪومت معاشي، سياسي بحران ۽ چونڊون منعقد ڪرڻ تي ڳالهين جي شروعات ۽ سهولتڪاري فراهم ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو. صادق سنجراڻي موجب حڪومت طرفان ميمبرن سينيٽ تي ٻڌل ڪميٽي جي جوڙجڪ جي تجويز ڏني وئي آهي. پارليامينٽ ئي سياسي مسئلن جي حل لاءِ بهتر فورم آهي، مون اها اهم ذميواري سنڀالي آهي. قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ڪنوينر شپ ۾ 10 ميمبرن تي ٻڌل پارلياماني پارٽي جوڙي پئي وڃي.

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو